عورتن جو لباس مناسب ۽ مرد فنڪارن کان وڇوٽي هئڻ گهرجي: حمزا علي عباسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪار ۽ ماڊل حمزا علي عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن عورتون مناسب لباس پهرن ۽ مرد ۽ عورت فنڪار ۾ وڇوٽي قائم هجي ته اهڙي قسم جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه برائي نه آهي.
حمزا علي عباسي جو ڳاڻيٽو اهڙن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن شهرت جي بلندين کي ڇُهڻ کانپوءِ پاڻ ۾ هاڪاري تبديليون آڻڻ لاءِ دين ڏانهن لاڙو ڪيو.
اداڪار مڪمل طور اسلامي اصولن کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس ڳالهين ۽ انداز مان اِهو ظاهر پڻ ٿئي ٿو.
پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران حمزا علي عباسي چيو ته ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ هو اِها پڪ ڪندو آهي ته اُهو اسلام جي ابتڙ نه هجي.
هن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي سٺا ڊراما ٺهي رهيا آهن، جن ۾ غلط کي غلط طور ڏيکاريو پيو وڃي ۽ اهڙي قسم جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪا برائي نه آهي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته ڊرامن ۾ عورت ۽ مرد فنڪارن وچ ۾ وڇوٽي هجي ۽ لباس غيرمناسب نه هجي ته اهڙن ڊرامن ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.