اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڀ کان وڌيڪ خوش قومن ۾ پاڪستان ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
اها ڳالهه گيلپ پاڪستان جي هڪ تازي سروي ۾ سامهون آئي آهي.
عوامي راءِ ڄاڻيندڙ اداري گيلپ جي خوشي (Happiness) جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو 44 ملڪن ۾ اٺون نمبر آهي.
72 سيڪڙو پاڪستانين مسئلن باوجود خوش هجڻ جو ٻڌايو.
پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ ڀارتي شهري ان فهرست ۾ آخري نمبر تي آيا، 31 سيڪڙو ڀارتين خوشي، جڏهن ته 34 سيڪڙو زندگي مان مايوسي جو اظهار ڪيو.
چيني شهري 86 سيڪڙو سان خوش قومن ۾ سڀ کان مٿي نظر آيا ۽ انهن يورپي ملڪن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
You might also like