تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ کي مليل پهرين فتح

وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه نون ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم روڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان معاملي کي گڏيل اتفاق سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته نون ڪئنالن جي تعمير جو معاملو هاڻي 2 مئي تي گڏيل مفادن  واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويندو. يعني سڀني جي رضامندي کان پوءِ ئي نوان ڪئنال ٺاهياويندا. وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪيل ملاقات کانپوءِ ساڻس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪئنالن تي صوبن جي رضامندي بنا وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهندي.    هن چيو ته فيڊريشن ۽ صوبن جا مسئلا هڪٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا نه ڪيا ويندا.

جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته ڪينالن جو معاملو هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مڪمل طور تي پريس ڪانفرنس ۾  رد ڪرڻ گهرجي ها.  هاڻي هي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نه وڃڻ گهرجي ها. هاڻي حڪومت ان معاملي ۾ رهندو پاڻ کي ڦاسايو آهي ۽ اڻ سڌي طرح تسليم ڪيو آهي ته ان کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ معاملي کي نيئڻ کان اڳ ڪئنالن تي ڪم ڪرڻ ئي نه گهربو هو جن کي روڪرائڻ جو هاڻي اعلان ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ملڪ جي سڀني صوبن جي مخالفت ظاهر ٿي چڪي آهي تنهن ڪري ڪئنالن واري معاملي کي اينگهائڻ بدران ان کي واضح طور تي ڪالهه ئي رد ڪرڻ جو اعلان ڪجي ها.

وفاقي حڪومت هاڻي ثابت ڪيو ته ان اٻهرائي جو مظاهرو ڪري وفاق جي وحدت کي خطري ۾ وڌو هو. سندس ان اٻهرائي سبب وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ ايڏو تڪرار ۽ نفرت جو ماحول پيدا ٿيو آهي جنهن جي ذميوار مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي جڏهن ته پ پ ان کي پنهنجي موقف جي ڪاميابي سمجهي ٿي  ۽ اها سمجهي ٿي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ڪئنالن جو منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن ڪڍيو ويندو پر سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي آهي ته ڪئنالن جي رد ٿيڻ جو جيستائين نوٽيفيڪيشن نٿو ملي تيستائين ان کي آخري فيصلو نه سمجهيو ويندو. پر پنهنجو خيال اهو آهي ته ڪئنالن جي معاملي جي رد ٿيڻ جو ڪالهه ئي نوٽيفيڪيشن جاري ڪرڻ گهرجي ها.

اهو فيصلو اهڙي موقعي تي ٿيو آهي جڏهن  پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقي پهل گام ۾ 26  سياحن جي مارجڻ کان پوءِ  ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آهن ۽ ڀارت انتهائي قدم کڻندي هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي، واهگا سرحد بند ڪري ڇڏي آهي. جنهن تي پاڪستان جي حڪومت ڪالهه سلامتي ڪائونسل جو اجلاس پڻ گهرايو. چوڻ جو مقصد ته جڏهن پاڪستان لاءِ هڪ پاسي افغانستان ۽ ٻئي پاسي ڀارت جي سرحدن تي ڇڪتاڻ هجي ته عقل ۽ هوش مندي جي تقاضا اها ئي هئي ته ملڪ جا اندروني معاملا بهتر ڪيا وڃن. مسلم ليگ  ن جي وفاقي حڪومت کي ائين ئي ڪرڻ گهربو هو پر اها حقيقت آهي ته ڀارت واري واقعي کان اڳ ئي سنڌ ۽ سڄي ملڪ اندر ڪئنالن تي سخت ردعمل هو. سنڌ سراپا احتجاج هئي. وري اڳتي هلي وڪيل برادريءَ پنجاب ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ رستا توڙي بارڊر احتجاجن بند ڪرڻ شروع ڪيا ته معاملو انتهائي سنگين ۽ بحراني بڻجي چڪو  هو. اها صورتحال ملڪ جي  مجموعي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ هئي. اهو پهريون ڀيرو هو جو هڪ ئي وقت ٽي صوبا وفاق جي خلاف هيا.

بهرحال ڪالهه وفاقي حڪومت ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد کي تسليم ڪندي پ پ اڳواڻن يعني پنهنجي اتحادي جماعت سان ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ  ڪئنالن جي اڏاوت کي روڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسان وفاقي حڪومت جي ان فيصلي کي هڪ درست  عمل چونداسين. اها عارضي فتح آهي پر پوءِ به اها سنڌو درياهه، سنڌ، جي سنڌي عوام، قوم پرست جماعتن وڪيل برادري، سن جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن، ٻارن، عورتن، شاگردن استادن، اديبن، فنڪارن ڳائڻن جي سوڀ آهي. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي پ پ هن معاملي تي اسٽينڊ نه وٺي  ها ته شايد اهو معاملو ايڏو جلد نه رڪجي سگهي ها پر اها به سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته جيڪڏهن قوم پرست جماعتون روڊن تي نه نڪرن ها، سنڌي ميڊيا اهو اشو نه کڻي ها ته پ پ به دٻاءُ  ۾ نه اچي ها. پر جيڪڏهن پ پ ان معاملي تي يوٽرن ورتو آهي ته اها به ڪا خراب ڳالهه ناهي. پ پ آخر ۾ سنڌ صوبي، سنڌو درياهه ۽ سنڌي عوام سان گڏ بيهي ڪنهن حد تائين پنهنجي ساک بچائي ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.