اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز عالمي بارڊر پار ڪري پاڪستاني حدن ۾ ايندڙ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) جي اهلڪار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
حراست ۾ ورتل بي ايس ايف ڪانسٽيبل پي ڪي سنگهه جو واسطو بي ايس ايف جي 182 بٽالين سان آهي.
سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ اهلڪار وٽ هٿيار به موجود هو.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو پاڪ – ڀارت سرحد تي فيروز پور سيڪٽر ۾ پيش آيو.
پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو
You might also like