تڪراري منصوبن جي خاتمي تائين ڌرڻا جاري رهڻ گهرجن: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته تڪراري منصوبن جي خاتمي تائين ڌرڻا جاري رهڻ گهرجن.
ٽنڊي محمد خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو ڀارتي قدم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو مقصد 25 ڪروڙ عوام جو پاڻي بند ڪرڻ آهي، ڀارت پاڪستان تي الزام هڻي اڳرائي ڪري رهيو آهي.
ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينال پروجيڪٽ خاتمي جو گڏ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي
هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن منصوبن کي ملتوي نه پر مڪمل طور ختم ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.