ڀارت سان واپار، واهگا بارڊر ۽ فضائي حدون بند، پاڻي روڪڻ جنگي قدم سمجهيو ويندو: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آبي جارحيت ۽ ٻين قدمن جو ڀرپور جواب ڏيندي پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جو اعلان رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ملڪيت جو پاڻي روڪيو ويو ته ان کي جنگي قدم سمجهيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.
قومي سلامتي ڪميٽي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو هڪ طرفو ڀارتي اعلان رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پاڻي پاڪستان جو اهم قومي مفاد آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لائف لائن آهي، پاڪستان پنهنجي لائف لائن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو، پاڪستان جي ملڪيت جو پاڻي روڪيو ويو يا پاڻي کي موڙيو ويو ته ان کي جنگي قدم سمجهيو ويندو.
اجلاس جي پڌرائيءَ موجب پاڪستان ڀارت سان شملا معاهدي سميت سمورا ٻه طرفا معاهدا معطل ڪرڻ جو حق رکي ٿو، واهگا بارڊر رستي ڀارت کان سموري زميني اچ وڃ معطل وهندي، ڀارتي شهرين کي ڏنل سارڪ ويزا ڇوٽ اسڪيم جو ويزائون معطل ۽ رد ڪري رهيا آهيون، سڀني ڀارتي شهرين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ان اسڪيم تحت پاڪستان ۾ موجود سک ياترين کي ڇوٽ حاصل هوندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود ڀارتي دفاعي، بحري ۽ فضائي صلاحڪار کي اڻ وڻندڙ شخصيت قرار ڏنو ويو ۽ کين 30 اپريل تائين ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ انهن پوسٽن کي ختم سمجهيو ويندو ۽ انهن صلاحڪارن جي مددگار علمي کي به واپس ڀارت وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پڌرائي موجب ڀارتي هاءِ ڪميشن اسلام آباد جي سفارتي عملي جو انگ 30 تائين محدود ڪيو ويو آهي، جنهن تي 30 اپريل کان عمل ٿيندو، ڀارتي ملڪيت يا ڀارتي آپريٽرز جي سڀني اڏامن لاءِ پاڪستاني فضائي حدون فوري طور بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڀارت سان هر قسم جو واپار فوري طور معطل ڪيو ويو آهي.
قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي قدمن جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو ويندو، پاڪ فوج ڪنهن به غلط قدم خلاف مڪمل طور تيار آهي ۽ ملڪي دفاع جي صلاحيت رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.