ڪراچي (پريس رليز) پاپولر ليفٽ الائنس جو اجلاس الائنس جي مرڪزي ڪنوينر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي جي صدارت ۾ ڪراچي حسين فاطمه جي گھر ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حريف چانڊيو ۽ جمن ترڪ، پاڪستان انقلابي پارٽي جي صدر مشتاق سلطان،جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ اياز هڪڙو، نيشنل پارٽي جي مرزا مقصود ۽ ڄمون ڪشمير پيپز نيشنل پارٽي جي ڪامريڊ سلطان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته عالمي سامراجي ملڪن جي حڪمرانن جي ڦرلٽ سبب پورهيت عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. فلسطينين کان بندوق جي زور تي پنهنجي ڌرتي کسي پئي وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان عالمي سامراجي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ انهن جي سهولتڪارن ملڪي مفاد پرست جاگيردان، سردارن، چوڌرين ۽ سرمائيدارن جي گهيري ۾ آهي. حڪومتون، عدالتون، پارليامينٽ فقط ڏيکاءَ خاطر آهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين ٽوئرزم ذريعي سنڌ، سرائيڪي وسيب، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواه، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان جون لکين ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن، عرب ملڪن، يو اي اي، قطر ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي حوالي ڪيون پيون وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ٽوئرزم جي نالي ۾ زمينن تي قبضن خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي. ان سلسلي ۾ پهرين ڏاڪي تي بهاولپور، رحيم يار خان، ملتان، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪانفرنسون ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 اپريل تي پاپولر ليفٽ الائنس جي قيادت ڪارڪنن سميت ٻٻرلو تي ڪئنالن خلاف وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ٽن مهينن تائين الائنس جو ڪنوينر ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل امداد قاضي هوندو.