سکر/خيرپور( رپورٽ: شفيع محمد ابڙو+ مختيار ڦلپوٽو) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌو جي عاشقن ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي تي درياءُ بچائڻ لاءِ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته رات جي وقت مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ٻٻرلوءِ موڙ وٽ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي خلاف پنجين ڏينھن به نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو جاري رهيو. ڌرڻي ۾ سنڌ جا ماڻھو قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھچڻ لاءِ اڱاري جي ڏينھن خيرپور جي خانگي اسڪولن جا ھزارين ٻارڙا قافلي جي صورت ۾ ڌرڻي واري پھچي ويا جن پڻ پنجاب خلاف ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، جڏھن ته پيپلزپارٽي خيرپور سميت سموري سنڌ مان ڪوبه وزير مشير ايم اين اي ايم پي اي توڙي ميونسپل ڪاميٽي توڙي ٽائون ڪاميٽين جا عھديدار چونڊيل نمائندا ڌرڻي واري ھنڌ نه پھتا. ڪئمپن ويٺل ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ،ايڊوڪيٽ سرفراز ميتلو،ايڊوڪيٽ رحمان ڪورائي،ايڊوڪيٽ جعفر شاھ، فياض خميساڻي، ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو، شھمير احمد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جڏھن ته ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ فتاح سميجو، ناصر محمود سومرو، قوم پرست توڙي سموري سنڌ جي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پيپلزپارٽي جو ڪوبه اڳواڻ شامل نه ٿيو ۽ ڌرڻي ۾ ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان سلسلي ۾ اڳواڻن قوم پرست اڳواڻن توڙي سماجي اڳواڻن ٻڌايو خطاب ڪندي چيو آهي ته سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وک وک تي ڪئنالن خلاف ڌرڻا،احتجاج روڊ بلاڪ جاري آھن جڏھن ته ھر ماڻھو جي اک ٻٻرلوءِ باءِ پاس لڳل ڌرڻي ۾ آھي ۽ ڌرڻي ۾ سنڌ جي سڄڻن ۽ عاشق کي 5 ڏينھن گذري ويا پر تنھن ھوندي به ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن توڙي عوام جا حوصلا بلند ٿي ويا آھن ۽ ھر روز ماڻھن جا قافلا وڌندا ٿا وڃن ايتري قدر جو سرڪاري ملازم، خانگي ڪمپنن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن،مسجدن،امام بارگاھن،مندرن سميت ٻين مذھبي جڳھن تي اھي اعلان ڪيا ويا آهن ته ڪھڙي به مذھب يا فرقي سان واسطو رکي ٿو پر ھن ھنڌ تي سموري ڳالھين کي پاسيرو رکي ھتي ھڪ سنڌي ماڻھن ٿي گڏ بيھو ته جئين وقت جي حڪمرانن کي اھا خبر پئي ته سنڌي پنھنجي پاڻي خاطر ھڪ قوم ٿي متحد ٿي پيٺل آھن ۽ ھو پنجاب اڳيان ڪڏھن به گوڏا ڪونه کوڙيندا ھنن چيو ته اخبارون ۽ مختلف چينل ان ڳالهھ جا شاھد آھن ته پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جو صدر نثار کھڙو صحافين جي ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو آھي ته ملڪ جي صدر کي 5 ڪلو ميٽر روڊ تعمير ڪرائڻ جو اختيار به ناھي ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز ڪئنال ڪڍڻ جي اڳواڻي پئي ڪري پر جيڪڏھن اھا نثار کهڙو جي ڳالهھ سچي آھي ته پوءِ پيپلزپارٽي اھڙي حڪومت جي ڌر ڇو بڻي آهي ۽ سنڌ سان ظلم ڇو پئي ڪرائي جو انگريزن جي زماني کان وٺي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به سياسي جماعت تعلق رکي پر ملڪ جي پاڻي سان ھٿ چراند ناھي ڪئي ھنن چيو ته ملڪ جو اڳوڻو صدر عارف علوي کي به پنجاب حڪومت ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ۽ ڪئنال تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو پر ھن سندن سڀ ڏنل آڇيون رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مان سنڌ ڄائو آھيان، ڪڏھن به سنڌ سان غداريءَ ڪري غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي صحيح ڪري سنڌ سان غداري جو طوق پنھنجي ڳچي ۾ نه وجھندس ته پوءِ پيپلزپارٽي اھڙي لعنت پنهنجي ڳچي ۾ ڇو وجھرائي جو سنڌ جو ھر ماڻھو سندن مڪاري کان واقف ٿي ويو آھي . اڱاري جي ڏينھن ڌرڻي ۾ سموري سنڌ جي ڊاڪٽرن،خيرپور جي نجي اسڪولن جي ھزارين ٻارڙن،وڪيلن ڪورٽن جي ڪاروائي جو بائڪاٽ ڪيو ۽ ڌرڻي ۾ شامل ٿيا جڏھن ته ڌرڻي ۾ چوٿين ڏينھن کان وڌيڪ ماڻھن جو تعداد نظر آيو ۽ ھر طرف سنڌ حڪومت ۽ پنجاب توڙي وفاق خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي م لاڙڪاڻي جي تعلقي باڊهه جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ قافلو پهتو ،سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي ۾ حيدر قادري ڳالهائيندي چيو ته هن عشق جي انداز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ۔سنڌي نوجوانن پوڙهن سان گڏ سنڌ جون سورميون به پنهنجو فرض نڀائي رهيون آهن شروع کان مسلسل ڌرڻي ۾ موجود هما عباسي ايڊووڪيٽ سنڌ هائي ڪورٽ بار ڪراچي جي صدر ايڊوڪيٽ سرفراز علي ميتلو، ايڊوڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته هي وقت گهرن ۾ ويهڻ جو ناهي اچو هن ڌرڻي ۾ شامل ٿي ڌرتي امڙ ۽ سنڌو درياھ جو قرض لاهيو اسان تيسيتائين نه وينداسين جيسيتائين سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ٿئي ڪفن ٻڌي نڪتا آھيون اڄ سموري سنڌ جاڳي پئي آھي. ان موقعي تي قوم پرست اڳواڻ امير آزاد پنهور،وڪيل مجيب الرحمان مشوري،جي ڊي اي۔، جي يو آءِ سميت سماجي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته هي مذھبي يا سياسي مسئلو ناهي پر اسان سنڌ واسين جي جياپي جو مسئلو آھي جنهن اشوز تي سڀ گڏ ٿيا آھيون سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي نسلن جي بقا واري جنگ جاري رکنداسين.