آمريڪي ماهرن پاران چولستان ڪئنال رد ڪرڻ باوجود اختيارين هوڏ نه ڇڏي

اسلام آباد(عاصمه شيرازي) 6 ڪئنالن وارو معاملو سنڌ اندر قومي احتجاج ۾ تبديل ٿي ويوآهي. سنڌ اندر هر هنڌ تي بغير ڪنهن ذات پات، پارٽي، مذهب، فرقي جي تقسيم جي احتجاج ٿي رهيا آهن. جيتري به آبادي آهي جيتريون به ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن سڀ سراپا احتجاج آهن. اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌو درياءَ سان سنڌين جي  وابستگي ڪيتري اهم آهي.پاڻي معاملي ڪيتري ئي وقت کان سنڌ کي اپ سيٽ ڪري رکيوآهي.تاريخي طور تي پاڪستان کان اڳ هن پوري علائقي کي سنڌ سڏيو ويندو هئو.هن درياهه سان هتي وسندڙن جو روحاني رشتو آهي.600 ورهيه اڳ به هن علائقي کي سنڌ ئي سڏيو ويندو هئو.اعتزاز احسن سنڌ ساگر ۽ قيام پاڪستان ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ساڍا پنج هزار سال کان سنڌ هند کان الڳ هڪ خطو رهي آهي.هن درياهه تي ڪالاباغ ڊيم منصوبي تي ڪي پي ۽ سنڌ پاران اعتراض  واريا ويا هئا جيڪو بعد ۾ رڪجي ويو هاڻي گرين پاڪستان انئشيٽو جي نالي سان هڪ منصوبو جوڙيو ويوآهي. پاڻي بابت ماهر حسن عباس ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته سيپٽمبر 2023 ۾ ان منصوبي جوسربراه جنرل عاصم ملڪ هيو تڏهن ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو هيو. آمريڪي ڪمپني جي مدد سان جوڙيل رپورٽ ۾ چولستان ڪئنال کان پاسو ڪرڻ جو چيو ويو هيو حسن عباس مطابق ان رپورٽ لاءِ گرين پاڪستان اٿارٽي 10 ملين روپيا به ادا ڪيا هئا.ان رپورٽ ۾ چولستان ڪئنال جي مخالفت ۾ رپورٽ اچڻ باوجود گرين پاڪستان اٿارٽي ان تي ڪم شروع ڪرايو. حيرت آهي ته اٿارٽي اپريل 2024 ۾  جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي ان کي مڪمل رد ڪيو ويو ۽ 15 فيبروري 2025 تي ان گرين پاڪستان منصوبي کي لانچ ڪيو ويو. منصوبي جي چار واهن تي  ڪم جاري آهي گريٽر ٿل ۽ چولستان تي ڪم اڃان شروع ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.