سنڌ ۾ بدترين پاڻي کوٽ باوجود ارسا ۽ پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال مان کڻت وڌائي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ سنڌ جي شديد احتجاج باوجود پنجاب ارسا سان ملي ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ بجائي ان جي کڻت وڌائي ڇڏي آهي, جڏهن ته سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ڏيڻ کانسواء ڊيمن ڀرڻ جو سلسلو جاري آهي, روزاني عوامي آوز کي  مليل سرڪاري انگن اکرن توڙي دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 40 سيڪڙو تائين هجڻ باوجود سنڌ کي حصي جو پاڻي 59 هزار 400 ڪيوسڪ فراهم نه ڪيو ويو آهي, سنڌ جي شديد اعتراضن کي نظر انداز ڪندي پنجاب تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ بجائي ان جي کڻت 3800 مان وڌائي 7 هزار 517 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي, جهلم ۽ چناب ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ باوجود پنجاب سنڌو درياھ تان کڻت وڌائي ڇڏي آهي, ٿل ڪئنال جي کڻت 6 هزار 500 ڪيوسڪ ڪئي ويئي آهي , سنڌ لاء اڱاريجي ڏينهن صبح مان چشمان کان 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو هو جيڪو بعد ۾ وڌائي 50 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو جيڪو سنڌ جي حصي کان لڳ ڀڳ 10 هزار ڪيوسڪ گهٽ آهي, تربيلا ڊيم ۾ پاڻي اچڻ جو سلسلو وڌي 47 هزار 400 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي,جتان اڱاري ڏينهن صبح مان 20 هزار ڪيوسڪ ڇڏيو ويو ۽ شام جي وقت ان کي وڌائي 40 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي, پنجاب سنڌو درياھ تان ڊيرا غازي خان ڪئنال پڻ کولي ان ۾ 1700 ڪيوسڪ ۽ چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال ۾ 4050 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياھ تان کنيو آهي,پنجاب جي چناب ندي جو وهڪرو مرلا وٽ 28 هزار 600 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جيڪو سئو سيڪڙو کنڌي تي پنجاب کڻي رهيو آهي ۽ سنڌ لاء پنجند کان لاڳيتو پاڻي بند پيل آهي,ٻي طرف جهلم درياھ جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار 542 ڪيوسڪ تائين پهتو آهي جنهن مان پنجاب سئو سيڪڙو پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي, جهلم درياھ جي پاڻي مان پنجاب 20 هزار ڪيوسڪ ڪئنالن ۾ کنيو آهي ۽ 37 هزار 542 ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪري ڇڏيو آهي , پنجاب پاران وڌيڪ پاڻي کڻڻ سبب سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو فقط 26 هزار 300 ڪيوسڪ آهي جڏهن پنجاب رڳو چناب مان کنڌي تي 28 هزار 600 ڪيوسڪ ڪئنالن ۾ کڻي رهيو آهي, سنڌ جي سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 39 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي سکر کي گهربل پاڻي 31 هزار 600 ڪيوسڪ ڏيڻ بجائي فقط 19 هزار 200 ڪيوسڪ ڏنو ويو ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 6 هزار 900 ڪيوسڪ بجائي فقط 4 هزار 800 ڪيوسڪ ڏنو ويو جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 30 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 40 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي , اپريل جي آخري ڏهي ۾ پاڻي جي 40 سيڪڙو کوٽ انتهائي وڏي کوٽ آهي پر سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.