حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پاڻ تي ٿيل حملي بابت چيو آهي ته ان ۾ پ پ ملوث ناهي، انهن اهڙا حربا ڪڏهن ناهن هلايا.
هن چيو ته جن ماڻهن مون تي حملو ڪيو انهن جا چهرا توڻي کين کنيل جهنڊا سڀني ڏٺا، ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان سدائين صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي اسان کي پنهنجي ڪم کان روڪي نٿي سگهي.
بزدلاڻي ڪارروائي ڪري سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي: کيئل داس ڪوهستاني
You might also like