ڪينالن جو معاملو پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو، پاڻي تي سوديبازي نه ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وزيراعظم کان ڪينال منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي الزام هنيو آهي ته اهو معاملو پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو.
ايمپريس مارڪيٽ صدر ۾ پارڪنگ ايريا جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ پنهنجو ڪيس مضبوطي سان وڙهيو، وزيراعظم کي بلاول ڀٽو جي مطالبي تي ڪينال منصوبو ختم ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان حڪومت جو غير مشروط ساٿ ان ڪري ڏنو هو، ڇو ته اسان کي ملڪ جو امن ۽ خوشحالي پياري آهي، پنجاب جي وزيرن جي بيانن سان اهو معاملو خراب ٿيو.
سندس چوڻ هو ته صدر زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير چئي چڪا آهن ته ڪينالن تي اسان کي خدشا آهن، اسان ترقي جي حق ۾ آهيون پر پاڻي کوٽ تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.