بي جي پي مون کي مارڻ تي انعام رکيو آهي: سک اڳواڻ آمريڪي نائب صدر کي خط لکي ڇڏيو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وانس جي ڀارت دوري کان اڳ سک فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون آمريڪي نائب صدر کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ هن لکيو ته هو مودي جي عالمي دهشتگردي تي نائب صدر جو ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو، بي جي پي جي سينيئر ڪارڪن منهنجي قتل تي اڍائي لک ڊالر انعام رکيو آهي، اهو اعلان آمريڪي سرزمين تي هڪ آمريڪي شهري جي قتل جي ڪوشش جو مجرماڻو عمل آهي، انعام جو اعلان آمريڪي خودمختياري ۽ قومي سلامتي به سڌي ريت حملو آهي.
هن لکيو ته اوهان کي ڀارت جي دوري ۾ معاملي کي اٿارڻ جي درخواست ڪريان ٿو، اوهان ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪريو ۽ آمريڪي قانون تحت ڪارروائي ۽ اقتصادي پابندين کان خبردار ڪريو، ڀارتي ادارن کي پرڏيهي دهشتگرد طور نامزد ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.