ڪراچي (ارباب چانڊيو) پوري سنڌ مان وڪيلن جا قافلا پنهنجي پنهنجي شهرن مان نڪري پيا آهن.ڪراچي کان ڪشمور تائين جتي جتي بار موجود آهي ۽ جتي جتي وڪيل موجود هئا سي پنهنجي علائقن مان احتجاج لاءِ نڪري چڪا آهن،ننڍن وڏين گاڏين، رڪشن مُوٽرسائيڪلن تي سوار انهن وڪيلن جو رخ ٻٻرلوءِ بائي پاس ڏانهن آهي جتي ڌرڻو هنيو ويندو.ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي به ڌرڻو هنيو ويندو.عوام اڳ ئي ٻٻرلوءِ بائي پاس وٽ انهن جو منتظر آهي.وڪيلن جي تحريڪ ۾ عوام شريڪ ٿي چڪو آهي ۽ اڳ ئي منتظر آهي ته وڪيل پهچن سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتطام به ڪيا ويا آهن.وڪيلن پاران الٽيميٽم ڏنو ويو هيو ته 17 تاريخ تائين اگر ڪينالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اهي ڌرڻو هڻندا.ڪينالن جي تعمير جاري آهي جنهن خلاف پوري سنڌ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن.هن وقت سموري وڪيل برادري هڪ نعري هيٺ گڏ ٿي آهي ته ڪينال سمورا نا منظور. درياءُ جي تحفظ لاءِ شروع ٿيل تحريڪ هاڻي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.اڄ جڏهن هڪ پاسي حيدرآباد ۾ جلسو هوندو ته ٻئي پاسي وڪيل برادري پاران مختلف هنڌن تي ڌرڻا لڳل هوندا. وڪيلن جي تحريڪ هلي پئي آهي ۽ اها هاڻي ڪنهن کان به نه رڪجندي.