نئون ڪوٽ(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ پراڻي راند آهي،هاري بيروزگار ٿي ويندو،ٻاهر جون ڪمپنيون وڏيون وڏيون مشينريون کڻي زمينون آباد ڪنديون،وڊيو بيان ۾ هن چيو ته پلاننگ هئي ته هارين ۽ زميندارن کي وڙهائجي جيئن ڪمپنيون فارمنگ ڪن، هن چيو ته ٺيڪ آهي ان سان معيشت ٺيڪ ٿيندي پر ان سان عام غريب ماڻهو بيروزگار ٿيندو اهو ڪهڙي کاتي ۾ ويندو؟ هن چيو ته مان شروع کان ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف آهيان،ملڪ جا ٻه وڏا ليڊر جيڪي حڪومت ۾ آهن اهي ڪارپوريٽ فارمنگ جا حامي آهن،هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ايترو خطرناڪ هو جيترا هي ڪئنال آهن،ڪالاباغ ڊيم ۾ ته وري به پاڻي اسٽوريج ٿئي ها ۽ ٿورو گهڻو بچي ها ته پوءِ سنڌ کي ملي ها،پ پ وارا ڪئنالن جي منظوري ڏئي هاڻي هيرو ٿيڻ لاءِ احتجاج پيا ڪن