اسلام آباد( ع آ نيوز) پاڪستان جي وفاقي حڪومت گذريل رات ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون موجوده سطح تي برقراررکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين منتقل ڪرڻ جي بجاءِ، اها رقم چمن کان ڪراچي تائين روڊ کي ٻن لائينن وارو ڪرڻ ۽ ۽ ڪڇي ڪئنال جي فیز 2 کي مڪمل ڪرڻ تي خرچ ڪئي ويندي. جنهن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.شهباز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي نه ڏينداسين، پر انهن پيسن سان قوم جي زخمن تي مرهم رکنداسين. سوشل ميڊيا تي صارفين حڪومت جي هن فيصلي تي سخت تنقيد ڪندا رهيا. تيل ۽ گئس شعبي جي ماهر ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو، زاهد مير ٻڌايو ته بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي کي صارفين تي منتقل ڪرڻ بدران، حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول تي پيٽروليم ليوي نالي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو، جنهن سان حڪومت اضافي آمدني گڏ ڪري سگهندي. صحافي محسن نواز لکي ٿو ته عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ، پئسو سياستدانن ۽ بيوروڪريسي جي کيسن ۾ ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم شهباز شريف کي واقعي بلوچستان جو درد آهي، ته وفاقي ڪابينا ۽ بيوروڪريسي جي استعمال هيٺ گاڏين جو انگ اڌ ڪري، محسن نواز وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت پيٽرول تي ليــوي 78 رپيا في ليٽر ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 254 رپيا آهي، جيڪڏهن صرف ليــوي ختم ڪئي وڃي ته عوام کي پيٽرول 176 رپيا في ليٽر ملي سگهي ٿو. هڪ صارف حسن لکيو ته "نه موٽروَي ٺهندي، نه عوام کي ڪو فائدو ملندو.”
پيٽروليم ليوي وڌڻ تي ميڊيا ۾ قبرستان جهڙي خاموشي؟
اسلام آباد(عاصمه شيرازي) پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽ واڌ جو فيصلو هر پندرهين ڏينهن عالمي مارڪيٽ جي اگهن کي سامهون رکي ڪيو ويندوآهي. هن ڀيري عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون انتهائي گهٽ ٿيون آهن ايترن گهٽ اگهن جي ڪري اميد ڪئي پئي وئي ته پاڪستاني عوام کي به وڏو رليف ملندو.جنهن جي خوشخبري به وزير مشير ڏيندا رهيا.ايتري تائين جو وزيراعظم به خطاب ڪيو اميد اها هئي ته 10 کان 12 روپين تائين اگهه گهٽايو ويندو پر وزيراعظم جي خطاب بعد آرڊيننس آندو ويو ۽ پيٽروليم تي ٽيڪس ۾ 10 روپين جي واڌ ڪئي وئي جنهن کي مني بجيٽ ئي سڏي سگجهي ٿو ٻيو ڪجهه نه.پاڪستاني عوامي مٿان جهڙوڪر بم ڪيرايو ويو. 70 وارو ٽيڪس 80 روپيا ڪيو ويو.ان کان اڳتي کل جوڳي ڳالهه آهي ته جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو ويندو اهو چيو ويو ته بلوچستان اندر ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيو ويندو.عجيب ڳالهه ته بجيٽ آئي ناهي ۽ عوام جي کيسن مان پيسا ڪڍي اهي ڊولپمنٽ فنڊ ۾ رکيا ويا آهن.جيتوڻيڪ بلوچستان جي پنهنجي سرپلس بجيٽ آهي.اهو عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو ويوآهي ۽ مذاق ڪيو ويوآهي.رليف بجاءِ تڪليف ڏني وئي آهي. ان تي اپوزيشن سميت ٻيون سڀ سياسي ڌريون چپ آهن.اهو اپوزيشن جو ڪم آهي ته عوام جو آواز بڻجي، ميڊيا به خاموش آهي. اهو ڪم ميڊيا ۽ مخالف ڌر جوآهي پر اتي خاموشي آهي.
پيٽروليم ليـوي ۾ رڪارڊ واڌ، سوا 28 ارب رپيا اوڳاڙيا ويندا
اسلام آباد(م ڊ) صدرِ مملڪت پاران پيٽروليم ليـوي آرڊيننس جاري ڪندي ئي عوام تي وڏو بار ڪيرايو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ پيٽروليم ليـوي جو بار شهرين تي وجهي ڇڏيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليـوي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄ کان لاڳو ٿيندو، حڪومت اڳ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 70 رپيا في لٽر پيٽروليم ليـوي وصول ڪري رهي هئي، پر هاڻ نوٽيفڪيشن کان پوءِ پيٽرول تي ليـوي 78 رپيا 2 پئسا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليـوي 77 رپيا 1 پئسو في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، توانائي واري وزارتِ جي اعلان موجب، ليـوي وڌائڻ سان هر مهيني 11 ارب 27 ڪروڙ رپيا حاصل ٿيندا، اڍائي مهينن ۾ ليوي ذريعي 28 ارب 18 ڪروڙ رپيا حاصل ٿي ويندا.