لکنئو (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز چنائي سُپر ڪنگز جي 43 ورهين جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر مهيندر سنگهه ڌوني نئين تاريخ لکي ڇڏي.
سومر ڏينهن آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز لکنئو سپر جائنٽس کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
لکنئو ۾ کيڏيل ميچ ۾ چنائي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ لکنئو سپر پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 166 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ چنائي سپر ڪنگز آخري اوور ۾ ڌوني جي جارحاڻي اننگز جي مدد سان هدف آخري اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڌوني يارنهن بالن تي 26 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ چار چوڪا ۽ هڪ ڇڪو پڻ شامل هو، ان کانسواءِ شيوم دوبي 37 بالن تي 43 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
شاندار بيٽنگ ۽ ميچ ۾ ٻه اسٽمپ ۽ هڪ رن آئوٽ ڪرڻ تي مهيندر سنگهه ڌوني کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ ئي هن آءِ پي ايل ۾ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 43 سالن جي ڌوني آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ مين آف دي ميچ ايوارڊ کٽيندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
ڌوني پليئر آف دي ميچ ايوارڊ ملڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ چيو ته مان سوچي رهيو هئس مون کي اِهو انعام ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ نور ڏاڍي زبرست بالنگ ڪئي، اِهو انعام ان کي ملڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like