نئين سينارٽي لسٽ معطل ڪرڻ ۽ بدلي ٿيل ججن کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي نئين سينارٽي لسٽ معطل ڪرڻ ۽ بدلي ٿيل ججن کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي ۽ سينارٽي بابت درخواستن تي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ان دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏنا.
وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪيل ججن واري معاملي کي آرٽيڪل 175 سان گڏ ڏسڻ گهرجي، ججز ٽرانسفر، فيڊرل ازم ۽ انتظامي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت دليل ڏيندس.
جسٽس علي مظهر چيو ته ججز ٽرانسفر آرٽيڪل 200 جي تحت ٿي، بهتر آهي دليل به اتان کان شروع ڪريو، اسان ججن کي سول سرونٽ طور ته نٿا ڏسي سگهون.
جسٽس مظهر چيو ته هڪ جج جي بدلي چئن درجن تي رضامندي جو اظهار کانپوءِ ٿيندي آهي، جنهن جج جي بدلي ٿيڻ هوندي آهي ان جي راضپو ڄاتو ويندو آهي، جنهن هاءِ ڪورٽ مان ٽرانسفر ٿيڻو هوندو آهي اتان جي چيف جسٽس کان رضامندي معلوم ڪئي ويندي آهي، جنهن هاءِ ڪورٽ ۾ اچڻو هوندو آهي تنهن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان رضامندي ورتي ويندي آهي، آخر ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي راضپي کانپوءِ صدر بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو آهي.
جسٽس مظهر پڇاڻو ڪيو ته توهان کي اعتراض ٽرانسفر تي آهي يا سينارٽي تي؟ ان تي منير اي ملڪ جواب ڏنو ته هنن جو ٻنهي تي اعتراض آهي.
جسٽس مظهر چيو ته توهان نوان لفظ آئين ۾ شامل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، آرٽيڪل 62 ون ايف نااهلي ڪيس ۾ آئين ۾ نوان لفظ شامل ڪري نااهلي تاحيات ڪئي وئي، ان فيصلي تي سخت تنقيد ٿي جنهن کي نظرثاني کانپوءِ تبديل ڪيو ويو.
جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏيندي چيو ته ججن جي جايون خالي هيون، ته ٽرانسفر بدران ان ئي صوبي مان نوان جج مقرر ڇو نه ڪي ويا؟ ڇا حلف ۾ ذڪر هوندو آهي ته جج ڪهڙي هاءِ ڪورٽ جي جج طور قسم کڻي رهيو آهي؟
جنهن تي وڪيل چيو ته حلف جي ڊرافٽ ۾ صوبي جو ذڪر هوندو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو قسم کڻندي ”اسلام آباد ڪپيٽل ٽيريٽري“ جو ذڪر ايندو آهي.
آئيني بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججن جي نئين سينارٽي لسٽ معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، ان کانسواءِ ٽرانسفر ٿيل ججن کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا پڻ رد ڪري ڇڏي.
ان کانپوءِ عدالت پنجن ججن جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس خادم حسين، جسٽس محمد آصف ۽ جڊيشل ڪميشن سميت اٽارني جنرل پاڪستان کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.