سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪئنالن خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح بيان ڏئي چڪو آهي، ڪئنال نه ٺهندا، اسان جو موقف ۽ ڪيس مضبوط آهي، جيڪو به ٻڌندو اُهو ڪئنال رٿا ختم ڪري ڇڏيندو.
پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جي ورسي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته الله تعاليٰٰ مون کي به هدايت ڏي ته پيءُ جي نقش قدم تي هلندي خدمت ڪريان ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪريون.
وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪئنالن وزيراعظم بدران عوام جو ساٿ ڏينداسين، 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو رٿيل آهي.
مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جي اعظم سواتي جي ڳالهين بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي، مون کي اهو پتو ناهي ته ڪنهن کي مينڊيٽ آهي، پي ٽي آءِ ۾ اندروني اختلافن جو شڪار آهي، لڳي نه ٿو هو ڳالهين ۾ شامل ٿيندا، ڇو ته هو بيان ڏئي وري ڦري ويندا آهن.
هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي سياست طور طريقو بدلائيندا، هو اهڙا ڏيندا آهن جيڪي ملڪي سلامتي جي خلاف هوندا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو بيان ناهي پڙهيو، جيڪڏهن هنن اِهو چيو آهي ته هٿ کنيو ته حالتون بگڙجي وينديون ته اِها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ڪراچيءَ جو امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.
اسان جو موقف ۽ ڪيس مضبوط آهي، جيڪو به ٻڌندو ڪئنال رٿا ختم ڪري ڇڏيندو: وڏو وزير
You might also like