ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي موسٽ اويٽڊ فلم ”ڪرش 4“ جو ڪجهه ڏينهن اڳ باضابطا اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ مداحن کي ٻڌايو ويو ته هن ڀيري اداڪار ريٿڪ روشن نه رڳو فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندو پر هن فلم لاءِ هدايتڪاري جي ذميواري به سنڀالي آهي.
جيئن ئي فلم ساز راڪيش روشن ”ڪرش 4“ جو اعلان ڪيو ته سوشل ميڊيا واهپيدار تجسس ۾ نظر آيا ته فلم ڪرش ۽ ڪرش 3 ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ان ۾ نظر ايندي؟
مداحن جي ان تجسس کي ختم ڪندي ڀارتي ميڊيا هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پريانڪا چوپڙا جي ”ڪرش 4“ سان بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ واپسي ٿيندي.
رپورٽ موجب پريانڪا چوپڙا فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ڀارتي ميڊيا تي ريٿڪ روشن ۽ پريانڪا چوپڙا جي ٻيهر اسڪرين تي گڏجڻ جي خبر وائرل ٿيڻ تي مداحن خوشي جو اظهار ڪندي ٻنهي اداڪارن جي ڪيمسٽري کي ڪرش فرنچائز جي ڪاميابي جي ضمانت قرار ڏنو.
Prev Post
Next Post
You might also like