سشيل ڪمار سنگهه نالي ڀارتي نجومي هلندڙ سال بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جي هڪ ئي وقت موت جي اڳڪٿي ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ سلمان خان بابت هڪ ٻي خوفناڪ اڳڪٿي سامهون آئي آهي.
ناليواري نموجڻ گيتانجلي سڪسينا تازو ”هندي رش“ سان گفتگو ۾ سلمان خان جي ڪيريئر ۽ سندس زندگي بابت پنهنجون اڳڪٿيون ڪيون.
گيتانجلي سڪسينا موجب هلندڙ سال پيشيوراڻي اعتبار سان سلمان خان لاءِ سازگار ناهي، تنهن ڪري هو نئين فلم رليز ڪرڻ کان پاسو ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال سلمان خان جي حياتي کي ڪو خطرو ناهي پر کيس ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ هوشيار رهڻو پوندو، جيڪي ماڻهو ان جا ويجها آهن، جهڙو سيڪيورٽي گارڊ يا نوڪر، اهي ئي بشنوئي گينگ کي شيون ليڪ ڪندا.
سلمان خان لاءِ سال 2026 کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي گيتانجلي چيو ته کيس ايندڙ سال اپريل کانپوءِ سڄو سال گهڻو محتاط رهڻو پوندو، هو ڪنهن حادثي يا سرجري مان گذري سگهي ٿو پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته سلمان خان ان صورتحال ۾ بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.
You might also like