مٽياري (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ڪينالن خلاف پ پ جي موقف ۾ تضاد ناهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو موقف ئي پ پ جو موقف آهي.
مٽياري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته اسان جي آباد زمينن کي پاڻي نه پيو ملي ته نوان ڪينال ڪيئن پيا ٺاهيا وڃن؟ وفاقي حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جو عوام ڪينالن جي خلاف آهي.
هن چيو ته وفاق ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم ته ڪڏهن ڪينالن جي صورت ۾ سنڌ تي حملي جي ڪوشش ڪندو آهي پر پ پ سنڌ خلاف هر سازش کي ناڪام ڪندي آئي آهي.
سندس چوڻ هو ته 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪينالن جي معاملي تي خطاب ڪندو، جيڪي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ تي مشرف ۽ نواز شريف سان گڏ هئا.
Next Post
You might also like