آصف زرداري ۽ بلاول چئي چڪا آهن ته ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين: فريال ٽالپر

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته اسان کي سنڌو درياهه تي ڪينال منظور ناهن، اسان نوان ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين.
ٽنڊي ڄام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو چئي چڪا آهن ته ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين، ڪينال اسان کي منظور ناهن، توهان هڪ ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي اجاڙڻ چاهيو ٿا، اها ڪهڙي سوچ ۽ ڪهڙي سياست آهي.
هن چيو ته 18 اپريل تي سڀني کي نڪرڻو آهي، اهو جلسو تڪراري ڪينال منصوبي خلاف ريفرنڊم هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.