ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي جوبلي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو.
ڪراچي ۾ جوبلي مارڪيٽ ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو، جنهن اسپتال منتقلي دوران دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ايوب جي نالي سان ٿي، جيڪو چاڪيواڙا ٿاڻي ۾ مقرر هو.
هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.