ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارائن جوهي چاولا ۽ ماڌوري ڊڪشت ڪيئي ورهيه اڳ هڪ ٽي وي شو دوران فلم انڊسٽري کان ٻاهر شادي ڪرڻ بابت انڪشاف ڪري چڪيون آهن.
ڌڪ ڌڪ گرل جي نالي سان مشهور ماڌوري ڊڪشت 1999ع ۾ ڊاڪٽر شري رام نيني سان شادي ڪئي، جڏهن ته جوهي چاولا 1995 ۾ صنعتڪار جئه مهتا سان پرڻو ڪيو هو.
ڪيئي ورهيه اڳ مشهور ڀارتي شو ” ڪافي ود ڪرن “ دوران ميزبان ڪرن جوهر ٻنهي اداڪارائن کان پڇيو ته توهان ڪيترن ئي مشهور اداڪارن سان ڪم ڪيو، پر شادي فلم انڊسٽري کان ٻاهر ڪئي، ان جو سبب ڇا هو؟
ماڌوري ڊڪشت چيو ته شاهه رخ ۽ سلمان سان مون گهڻو ڪم ڪيو، عامر سان رڳو ٻن فلمن ۾ ڪم ڪري سگهيس، پر شادي لاءِ مان انهن مان ڪنهن جي به چونڊ نه ڪئي، مون لاءِ منهنجو مڙس ئي منهنجو اصل هيرو آهي.
پروگرام ۾ جوهي چاولا ٻڌايو ته جئه مهتا جي ڏنل گلن، ڪارڊن ۽ تحفن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو.
اداڪارا جو چوڻ هوته هن اهو به سوچيو هو ته جيڪڏهن منهنجو مڙس به مون وانگر آئيني اڳيان ويهي هار سينگار ڪندو رهندو ته مان کيس سنڀالي نه سگهنديس.
جوهي وڌيڪ چيو ته جيئن هڪ اداڪار پنهنجو سڄو ڌيان پنهنجي فن تي ڏيندو آهي، منهنجي سوچ واضح هئي ته ڪنهن به اداڪار سان زندگي ناهي گذارڻي.
You might also like