حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ سنڌ لائرز فورم پاران سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ھاءِ ڪورٽ بار کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نويد جروار، ستار سرڪي، سجاد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جا وسيلا کسڻ جو منصوبو آھي، سنڌو درياھ پهريائين پاڻي کوٽ جو شڪار آھي ته پوءِ نون ڪينالن ۾ ڪٿان پاڻي ايندو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪهڙي طرح ٿيندي، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ٺھڻ خلاف سراپا احتجاج آھن، اهو احتجاج ايتري تائين جاري رهندو، جيستائين تائين منصوبو واپس نٿو ورتو وڃي.17