گهوٽڪي ويجھو ڪوچ ڪلٽي، 3 مسافر فوت، 15 زخمي

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ويجھو قاضي واهه ڀرسان موٽروي ايم فائيو تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سجاد حسين، محمد حسين ۽ آصف علي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 15 مسافر زخمي ٿيا زخمين ۾ اعظم، ظريف، ارشد، شهباز، نسرين، علينه ۽ مديحا ۽ ٻيا شامل آهن، اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو ويو، حادثو ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب پيش آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.