سنڌ جيڪا صوفين، بزرگن ۽ ثقافتي ورثي جي ڌرتي آهي نه صرف هڪ تهذيب جي جنم ڀومي آهي بلڪه پاڪستان جي معيشيت جو اصل ستون به آهي، بدقسمتي سان سنڌ جي وسيلن ۽ قربانين کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هي زمين مسلسل ملڪ جي ترقي جي لاءِ پنهنجا وسيلا، پيداوار ۽ طاقت پيش ڪري رهي آهي، هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته سنڌ جي اهميت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان سان انصاف ڪيو وڃي.
قدرتي وسيلن ۽ توانائي جا خزانا
سنڌ ڌرتي وسيلن سان مالامال آهي هي صوبو پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هڪ وڏو حصيدار آهي، خصوصن بدين، حيدرآباد ۽ قادرپور جي علائقن ۾، ان کان علاوه ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا دنيا جي سڀ کان وڏن ذخيرن ۾ شمار ٿيندا آهن جيڪا پاڪستان کي توانائي جي خود ڪفالت ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، هي وسيلا نه صرف گهرن ۽ صنعتن کي توانائي فراهم ڪري رهيا آهن بلڪه ملڪ جي درآمدي توانائي جي ضرورت کي به گهٽ ڪري رهيا آهن.
زراعت: سنڌ جي زرعي خوشبو
سنڌ جون زرخيز زمينون پاڪستان جي خوراڪ جي لاءِ نهايت ئي اهم آهن، چانور، ڪڻڪ، ڪپهه، انب، ڪيلا، کجور سنڌ جا اهم زرعي پيداوار آهن، خاص طور تي ضلعو خيرپور کجور جي پيداوار جي لاءِ مشهور آهي، جتي ساليانو 3000,000 ٽن کان وڌيڪ کجور پيدا ٿيندي آهي، سنڌ جي مجموعي کجور جي پيداوار ۽ پاڪستان جي برآمدات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ ساليانو ملينز آف ڊالرن جي آمدني مُهيا ڪندي آهي، ان کجورن کي مشرق وسطيٰ، يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو پاڪستان جي معيشيت جي لاءِ هڪ اهم ذريعا آهن، حالاڪه سنڌ جي هارين ۽ تاجرن کي ان وسيلن جو مناسب حصو ناهي ملندو جنهن سان صوبي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر ۽ حمايت جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي.
صنعتي طاقت ۽ اقتصادي پائيداري
ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي پاڪستان جو مالي ۽ صنعتي مرڪز آهي، ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ شپ يارڊ پاڪستان کي 90 سيڪڙو بين الاقوامي تجارت جو سامان مُهيا ڪندو آهي ۽ اربين روپين جي آمدني قومي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو آهي، ڪراچي سپ يارڊ ملڪ جو واحد شپ بلڊنگ ادارو آهي جيڪو تجارتي جهاز، بحري جهاز ۽ سب ميرين تيار ڪندو آهي نه صرف ملڪي استعمال جي لاءِ بلڪه بين الاقوامي معاهدن جي لاءِ به، ان سمندري آپريشنز جي اقتصادي اهميت گهڻي آهي پر سنڌ کي ان سان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ مناسب حصو نه ڏنو ويندو آهي.
پاڻي ۽ آبپاشي: هڪ اڀرندڙ بحران
سنڌ جي زراعت ۽ معيشيت درياءَ سنڌ جي پاڻي تي منحصر آهي پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي جي ورهاست ۽ انتظاميا ۾ بي انصافي سنڌ جي زرعي شعبي کي شديد متاثر ڪيو آهي وفاقي حڪومت پاران دريائي سنڌ مان ڇهه نون ڪينالن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ جي عوام ۽ حڪومت جي رضامندي کان بغير آهي هي قدم نه صرف سنڌ کي زمينن کي بنجر ۽ خشڪ بڻائيندو بلڪه عوام پاڻي جي هڪ ڦري جي لاءِ ترسندو، هي منصوبو سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ سڄي صوبي لاءِ هڪ سنگين خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو.
هاڻ سنڌ جي عوام ان غير انساني منصوبي جي خلاف اٿي بيٺي آهي هي مسئلو هڪ سياسي معاملو نه آهي بلڪه هڪ انساني ۽ ماحولياتي بحران جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌ کان ان کان کسڻ هڪ سنگين ظلم آهي.
سنڌ جو حق ۽ سڃاڻپ
سنڌ نه صرف اقتصادي جي حوالي سان اهم آهي بلڪه هڪ ثقافتي، علمي ۽ تاريخي ورثو به رکندو آهي، موهن جو دڙو کان وٺي اڄ جي جديد دور تائين سنڌ هميشه پاڪستان کي پنهنجي محبت ۽ وسيلن سان نوازيو آهي، هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته سنڌ کي صرف هڪ وسيلو سمجهڻ جي بجاءِ ان کي اهو انصاف ڏنو وڃي جنهن جو هو حقدار آهي.
تيل، گيس، ڪوئلو، کجور، تجارت، جهاز سازي ۽ پاڪستان جي بندرگاهه آهن، هي سڀ ڪجهه سنڌ فراهم ڪري رهي آهي سنڌ صرف هڪ صوبو نه آهي بلڪه پاڪستان جو دل، قوت ۽ حمايت آهي، پاڪستان کي هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ کي ان جي حصي جي مطابق حق ڏيڻو پوندو.