ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ بابت ٻه ڳالهيون

تحرير; احمد خان جمالي

     جيستائين ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبن کي رد ڪرڻ سان گڏوگڏ، سنڌو درياھ جي قدرتي وهڪرن جي واٽ مان سموريون رڪاوٽون، رنڊڪون، اڏاوتون ۽ ڪيل سمورا قبضا ختم ڪري سمونڊ تائين، سمورا

لنگھه صاف ڪري، عالمي ماهرن جي طرفان پاڻي جو گهربل مقدار، گهربل پريشر سان فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضروري اپاءُ نه کنيا ويندا  تيستائين سنڌو درياھ جي زندگي ، انسان دوست ۽ ماحول دوست ڪردار بحال نه ٿي سگهندو .  ۽ جنهن سال به تيز برساتن جو سيلابي پاڻي سنڌو جي حوالي ڪيو ويندو ته موجوده رڪاوٽن، اڏاوتن ۽ قبضن جي ڪري جڏهن درياھ جي پاڻي کي ڪو رستو نه ملڻ جي ڪري سيلابي پاڻي تباھي آڻيندو ته ان وقت وري ” منتظر مالڪ” دانهون ڪندا ته

” دیکھو پانی ضائع بھی ہورہا ہے تو یہ خود بھی بے گھر اور برباد ہو رہے ہیں لیکن نه تو ڈیم بنا کر پانی محفوظ کرنے  دیتے ہیں اور نه ہی کئنال نکالنے کے لیے راضی ہوتے ہیں "۔

ٻي  ڳالهه ته جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي لاءِ منظور ڪيل لکين ايڪڙ زمين جا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس نه ورتا ويندا تيستائين ، انهن زمينن تي صدين کان يا  پيڙھين کان رهندڙ ڳوٺاڻا، مقامي بي زمين ھاري، مالوند مارو خاندان ۽ حقيقي حقدار انهن لکين ايڪڙ زمين تي ” مالڪي جي حق "کان يا دعويداري کان محروم رهندا ۽ جن ادارن کي يا ڌرين کي ، غيرن کي يا غير متعلقه حاڪمن نوٽيفڪيشن جاري ڪري اها زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، انهن جو مالڪي جو حق برقرار رهندو،  ان ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي لاءِ منظور يا مخصوص ڪيل زمينن جا نوٽيفڪيشن هر حال  ۾ منسوخ ڪرڻ گهرجن ته جيئن انهن زمينن تي اتان جي لکين نه ته به هزارين خاندانن جي مالڪي جو حق بحال ٿي سگهي ۽ انهن زمينن تي قبضي ڪرڻ جي حرڪتن کي ناڪام بڻائي سگهجي.

سرڪاري زمينون هر لحاظ کان سرڪار وٽ اتان جي عوام جي امانت آهن.  انهن زمينن تي ھر لحاظ کان پهريون حق صرف۽ صرف اتان جي عوام جو آهي”ان ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ھر حال ۾ واپس ڪرڻ جي مطالبي تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار ٿيڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.