پوليس اهلڪار مهوش جروار جي خودڪشي يا قتل؟

تحرير: آزاد غلام رسول مزاري

ڊسٽرڪٽ جيل ميرپور خاص جي ڪواٽر مان ليڊي پوليس اهلڪارا مهوش جروار جو لاش پوليس يونيفارم ۾ ڦاھي تي ٽنگيل مليو. اهو منظر نه رڳو سندس خاندان پر پوري سماج جي ضمير کي ڇري حڻي وئي آهي. هڪ اهڙي عورت، جيڪا قانون جي رکوالن مان هئي، سا پاڻ قانون جي قلعي اندر ئي موت جي ور چڙهي وئي، ته پوءِ عام ماڻهو ڪيئن محفوظ هوندو. سندس مائٽن پاران قتل جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ۽ سوال اٿاريو ويو آهي ته، ”ڇا اها خودڪشي جي پردي ۾ لڪيل ڪو قتل ته ناهي.

جتي تحفظ جو قلعو هجي، اتي ئي رت وهڻ لڳي،ته سمجهو ته فقط ڀتين کي رنگ آهي، قانون ته ڪڏهن جو ختم ٿي ويو آهي. اهڙي حساس جاءِ، جتي سيڪيورٽي، نگران ۽ ڪيمرائن جو ڄار هجي، اتي ڪنهن عورت جو وردي سميت ڦاھي تي ٽنگجڻ، خودڪشي کان وڌيڪ ڪنهن سازش جو آواز ڏئي ٿو. مهوش جروار جي موت جي مڪمل، غيرجانبدار، ۽ ٽيڪنيڪل جاچ ڪئي وڃي. جتي سي سي ٽي وي فوٽيج، فون رڪارڊ، ڊي اين اي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ سان سچ کي بي نقاب ڪيو وڃي. ڇو ته جيڪڏهن سچ دفن ٿي ويو، ته سڀاڻي ڪنهن ٻي مهوش لاءِ به ڪو آواز نه رهندو. هي عورت جي سڃاڻ، وردي جي عزت، ۽ انسانيت جي ڌڪ لڳل تصوير هئي.سوال اٿندو رهي ٿو. ڇا مهوش جروار واقعي پاڻ کي ختم ڪيو؟ يا کيس ختم ڪيو ويو؟ اهو سوال هاڻ صرف سندس گهر وارن جو ناهي،اها پڪار آهي، هر ان ماءُ، ڀيڻ، ۽ ڌيءَ جي، جيڪي ورديءَ ۾ انصاف آڻڻ نڪرن ٿيون، پر پاڻ بي انصاف جو شڪار ٿي پون ٿيون. جڏهن به ڪو خواب سجايون ٿا ته دل اندر هڪ آس هوندي آهي ته اهو خواب ضرور پورو ٿيندو. مهوش جروار به اهڙين ئي اميدن، خواهشن ۽ ارادن سان وردي پاتي هئي.

 26 سالن جي ڄمار ۾، جڏهن ماڻهو زندگيءَ کي سمجهڻ لڳي ٿو، مستقبل جي رٿابندي ڪري ٿو، تڏهن مهوش جروار پنهنجي فرض جي ادائگي دوران ميرپورخاص جيل جي اندرين ڀتين پويان پر اسرار انداز ۾ فوت ٿي وئي.هي صرف هڪ واقعو نه، پر تحفظ فراهم ڪرڻ وارن ادارن  ڏانهن هڪ سوالنامو به آهي، جنهن جي هر سطح تي انصاف، تحفظ، ۽ ايمانداري تي سوال لڳل آهن۔هڪ عورت، جيڪا پوليس ۾ شامل ٿي، جيل جهڙي محفوظ جاءِ تي ڊيوٽي تي موجود هئي، اُها اوچتو فوت ٿي وڃي؟ بغير ڪنهن وضاحت جي، بنا پوسٽ مارٽم جي؟ ڇا هي قدرتي موت آهي؟!!

مهوش جي ماءُ جي ڏوراپا ڏيندڙ اکڙين مان ڪرندڙ لڙڪ ڪو عام ڏک ناهن، اُهي انصاف جي تڙپ ۽ بيوسي جا پيغام ڏين ٿا. اڄ هن نياڻي جي ماءُ کي اڪيلي نه ڇڏيو وڃي. رياست جي ذميواري آهي ته عملي طور تي انصاف جي ضامن بڻجي.جيڪڏهن مهوش واقعي قتل ٿي آهي ته پوءِ قاتل اڃا تائين آزاد ڇو آهن؟ ڇو ڪنهن کي جوابده نٿو بڻايو وڃي؟ ڇا هڪ فرض شناس عورت جي زندگي ايتري سستي ٿي چڪي آهي جو ان تي پڇا ڳاڇا به نه ٿئي؟

اسان صرف انصاف ٿا گهرون.آءِ جي سنڌ کان مطالبو آهي ته فوري پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وڃي؛ جاچ کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي؛جيڪڏهن قتل ٿيو آهي، ته قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي.هڪ مثال قائم ڪريو، ته جيئن ٻي ڪا نياڻي نه وڇڙي ۔مهوش جروار جي وڇوڙي صرف سندس ماءُ جو ڏک نه، پر اسان سڀني جي اجتماعي ناڪامي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ چپ رهياسين، ته سڀاڻي وري ڪا ٻي مهوش، ڪا ٻي وردي پهريل نياڻي، اهڙي ئي سازش جو شڪار ٿي سگهي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.