رونالڊو کي ڌمڪيون، سيڪيورٽي ۾ واڌ

رياض (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جارجينا روڊريگز سوشل ميڊيا تي ملندڙ ڌمڪي جوڳن پيغامن کانپوءِ سعودي عرب ۾ پنهنجي سيڪيورٽي انتظامن اهم تبديليون ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، خطرناڪ پيغام ملڻ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جارجينا روڊريگز پنهنجي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، ليجنڊري فٽبالر پنهنجي اڳوڻي چيف باڊي گارڊ ۽ ٻئي سيڪيورٽي اسٽاف کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جارجينا روڊريگز پنهنجي ٻارن کي سوشل ميڊيا کان پري ڪري ڇڏيو آهي، جوڙو ڪٽنب جو تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب، سعودي پوليس به ساڻن سيڪيورٽي معاملن ۾ سهڪار ڪري رهي آهي، جڏهن ته فٽبالر طرفان پرتگال ۾ هاءِ رسڪ سيڪيورٽي ماهر ڪلاڊيو ميگوئل ويز کي چيف سيڪيورٽي آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته 2023ع ۾ سعودي فٽبال فرنچائز النصر ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي گرل فرينڊ جارجينا ۽ ٻارن سان گڏ سعودي عرب ۾ رهائش پذير آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.