ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا عائزا خان کي بولڊ فوٽو شوٽ ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو.
عائزا خان انسٽاگرام تي پنهنجي تازن فوٽو شوٽ جون تصويرون شيئر ڪيون، جن مداحن کي چيڙائي ڇڏيو آهي.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ اداڪارا کي ڪاري رنگ جي ريشمي ٽاپ ۽ چمڪدار پينٽ ڪوٽ سان گڏ باب ڪٽ هيئر اسٽائل ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
عائزا خان جي بولڊ فوٽو شوٽ سندس مداح وائڙو ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اداڪارا پهرين ڪڏهن اهڙي قسم جو فوٽو شوٽ ناهي ڪرايو.
اهو فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي ۽ واهپيدارن طرفان اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like