فرانسيسي صدر فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پيرس (ويب ڊيسڪ) فلسطيني صدر ايمانوئل ميڪرون امڪان ظاهر ڪيو آهي ته فرانس ايندڙ مهينن ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهي ٿو.
هڪ انٽرويو ۾ ميڪرون چيو ته مان ان فيصلي کي جون ۾ اسرائيل – فلسطين تڪرار تي گڏيل قومن جي هڪ ڪانفرنس ۾ حتمي شڪل ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن جي ميزباني فرانس ۽ سعودي عرب گڏيل طور ڪندا.
هن چيو ته اسان کي تسليم ڪرڻ ڏانهن وڌڻو پوندو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ائين ڪنداسين، مان اهو ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ نه پيو ڪيان پر مان ان وقت ڪندس، جڏهن مون کي لڳندو ته اهو صحيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.