نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شادي جي گهر ۾ ان وقت ڪهرام مچي ويو، جڏهن عورت پنهنجي ڌيءُ جي مڱيندي سان گڏ گم ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب پنهنجي نوعيت جو عجيب واقعو علي ڳڙهه ۾ پيش آيو، جتي ماءُ ڌيءُ جي شادي لاءِ رکيل 3 لک رپيا روڪ ۽ 5 لک رپيا ماليت جا زيور به کڻي وئي.
پوليس کي داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو ته شواني جي شادي 16 اپريل تي ٿيڻي هئي پر سندس ماءُ ٿيڻ واري ناٺي سان گڏ فرار ٿي وئي.
پوليس ڪيس داخل ڪري ڪنوار جي ماءُ انيتا ۽ راهول جي ڳولا شروع ڪري.
ڪنوار شواني پوليس کي ٻڌايو ته ماءُ منهنجي مڱيندي سان گذريل ڪجهه مهينن کان اڪثر رات جو فون تي ڳالهائيندي هئي، مان نظرانداز ڪيو ۽ سمجهيو ته شايد شادي جي تيارين جي حوالي سان گفتگو ٿي رهي آهي پر سوچيو ئي نه هو ته ائين ٿيندو.
You might also like