حڪومت طرفان وقت بوقت ڪجهه منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ “ڪامياب جوان پروگرام”، “انٽرن شپ اسڪيمون”، يا “اسڪِل ڊولپمينٽ سينٽرز”، پر انهن مان اڪثر پروگرام يا ته رڳو ڪاغذن تائين محدود رهن ٿا يا سندن اثرائتي عملداري نظر نٿي اچي. بدانتظامي، سياسي مداخلت، ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ انهن منصوبن کي ناڪام بڻائي رهي آهي. نتيجي طور، عام نوجوان انهن مان فائدو وٺڻ بدران رڳو مايوسي محسوس ڪري ٿو.
پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به نوجوانن لاءِ موقعا محدود آهن. ڪيترائي ادارا نئين نوجوان کي نوڪري ڏيڻ لاءِ راضي ناهن، ڇو ته سندن خيال آهي ته تجربي جي کوٽ سبب نوان ملازم ڪارائتا ثابت نه ٿيندا. هي طرزِ فڪر نوجوانن لاءِ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. ان کان سواءِ، فني تربيت جي کوٽ، جديد مهارتن جي اڻهوند، ۽ لاڳاپيل شعبن جي معلومات نه هجڻ سبب نوجوان عالمي سطح تي به مقابلو ڪرڻ کان قاصر آهن.
ان سلسلي ۾ نوجوانن کي گهرجي ته هو صرف سرڪاري نوڪرين تائين محدود نه رهن، پر تعليم سان گڏ ڪنهن ننڍي ڪاروبار، آن لائن ڪم، يا فريلانسنگ ڏانهن به ڌيان ڏين. شاگردن لاءِ اهو لازمي بڻائڻ کپي ته هو يونيورسٽي دوران ئي ڪا هڪ مهارت سکڻ شروع ڪن، جيئن گرافيڪ ڊيزائن، ڪونٽينٽ لکڻ، وڊيو ايڊيٽنگ، يا آن لائن مارڪيٽنگ وغيره. انهن مهارتن ذريعي هو پنهنجو ننڍو ڪاروبار، يا آن لائن سروس شروع ڪري سگهن ٿا، جيڪو نه رڳو کين مالي مدد ڏئي سگهي ٿو، پر بيروزگاري جي دٻاءُ کان به آزاد ڪري سگهي ٿو. اهو پڻ حڪومت جو فرض آهي ته يونيورسٽين ۾ ڪاروباري تربيت، ۽ فني مهارتن لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا وڃن.
اڄ جي ضرورت آهي ته تعليمي ادارا صرف ڊگريون ڏيڻ تائين محدود نه رهن، پر شاگردن ۾ فني مهارتون، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت، ۽ ڪاروباري سوچ پيدا ڪن. حڪومت کي گهرجي ته تعليمي نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪري، فني ادارا وڌائي، ۽ نوجوانن لاءِ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪري. انهي سان گڏ، آن لائن ڪم، فريلانسنگ، ۽ اسٽارٽ اپ ڪلچر کي به رٿابندي سان وڌائڻ گهرجي ته جيئن نوجوان پاڻ به روزگار پيدا ڪري سگهن.
ان کان علاوه، نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون نکارڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ويجهي رهنمائي، مالي مدد، ۽ شعور جي ضرورت آهي. ان لاءِ مقامي سطح تي “يوٿ سپورٽ سينٽرز” قائم ڪيا وڃن، جيڪي انهن جي تعليم، تربيت، ۽ روزگار بابت آگاهي ۽ مدد مهيا ڪن. انهن سينٽرن ۾ پروفيشنل مشورا، سي وي لکت، انٽرويو جي تياري، ۽ ڪاروباري رٿابندي تي تربيت ڏيڻ گهرجي، ته جيئن هر نوجوان پنهنجي دلچسپي موجب اڳتي وڌي سگهي.