بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان 104 سيڪڙو ٽيرف جي جواب ۾ چين آمريڪي شين تي 84 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو، جيڪو پهريان اعلانيل 34 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، چين جي ناڻي واري وزارت طرفان اربع ڏينهن آمريڪي شين تي 84 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان شروع ڪيل عالمي تجارتي جنگ ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي.
ٽرمپ جي طرفان ڪيئي ملڪن تي مڙهيل ڳرا ٽيڪس اڄ کان لاڳو ٿي چڪا آهي، جنهن ۾ چيني شين تي 104 سيڪڙو ٽيرف پڻ شامل آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين پاران آمريڪا تي 34 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ تي سخت رد عمل ڏيندي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن چين واڌ واپس نه ورتي ته آمريڪا 9 اپريل کان چين تي 50 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪندو.
جنهن تي چين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران 50 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي تي سخت ردعمل ڏيندي چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته چين به پنهنجي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم طريقي سان جوابي قدم کڻندو ۽ آخري حد تائين وڙهندو.
هوڏانهن وائيٽ هائوس طرفان چين طرفان آمريڪي شين تي لاڳو واڌو ٽيرف تي بابت ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.