ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پلاسٽڪ ۽ ميڪ اپ سرجري جي ماهر ڊاڪٽر امبرين دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا نيلم منير خوبصورت ۽ پرڪشش نظر اچڻ لاءِ انتهائي مهانگا ۽ نئون پروسيجر ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ پهريان کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچي رهي آهي.
واضح رهي ته ماضي ۾ نيلم منير پاڻ ڊاڪٽر امبرين جي پوڊ ڪاسٽ ۾ دوران پنهنجي مختلف پروسيجرز ڪرائڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي.
ويجهڙ ۾ ڊاڪٽر امبرين نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن نيلم منير طرفان ڪرايل خوبصورتي واري پروسيجرز بابت تفصيل ٻڌايا.
چمڙي جي ماهر، پلاسٽڪ ۽ ميڪ اپ سرجن ڊاڪٽر امبرين موجب، نيلم منير جو رنگ قدرتي ڀورو آهي ۽ هو پهريان ئي خوبصورت آهي، پر ان باوجود هن انتهائي مهانگو ۽ نئون پروسيجر ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ٻڌايو ته نيلم منير کي ”ايگزوزوم ٽريٽمينٽ“ پسند آهي ۽ هن اهو ئي پروسيجر ڪرائڻ چاهيو، ڇو ته اهو پروسيجر فوري طور تي ڪيترائي فائدا ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر امبرين موجب، ڄاڻايل پروسيجر تازن ڄاول ٻارن طرفان عطيو ڪيل رت مان تيار ٿيندڙ انجيڪشنز ۽ دوائن وسيلي ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چهرو وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش نظر اچي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پروسيجر دوران عورت کي هڪ کان ڏهه لک ملي ليٽر جو انجيڪشن ۽ دوائون لڳائي وينديون آهن، جنهن سان چهري ۾ رونق ايندي آهي ۽ پروسيجر ڪرائڻ واري عورتون هر وقت پرڪشش ۽ خوبصورت نظر اينديون آهن.
هن اِهو پڻ ٻڌايو ته ڄاڻايل پروسيجر جي فيس 94 هزار رپين کان شروع ٿي، جيڪا لکين رپين تائين ٿي سگهي ٿي.
You might also like