سنڌ حڪومت روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ وڏا قدم کڻي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڌندڙ روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت هيوي ٽريفڪ جي رفتار جي حد 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هيوي ۽ لائيٽ گاڏين هلائيندڙ سڀني ڊرائيورن لاءِ ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٽريفڪ مسئلن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، مُڪيش ڪمار چاولا، ضياءَ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضى وهاب سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2024ع دوران ڪراچي ۾ 16 لک کان وڌيڪ چالان ڪيا ويا، جن مان 1 ارب 33 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ اوڳاڙيو ويو، 5 لک 12 هزار کان وڌيڪ گاڏين خلاف ڪارروائيون ڪيو ويون، 11287 ڊرائيورن کي گرفتار ۽ 650 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، جڏهن ته 7555 گاڏين جا فٽنيس سرٽيفڪيٽ پڻ رد ڪيا ويا.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته شهر ۾ وڌندڙ روڊ حادثن تي ڏاڍو افسوس آهي، انسانن جون قيمتي جانين جو زيان ناقابل برداشت آهي، هن ٽريفڪ ۽ ضلعي پوليس کي هدايت ڪئي ته گڏجي حادثن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.
وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀني هيوي گاڏين ۾ ٽريڪرز ۽ ڊيش ڪيمز لڳايا وڃن، ڊرائيونگ لائيسنس چيڪ ڪرڻ جو نظام سخت ڪيو وڃي ۽ ٽريفڪ، ايڪسائيز، نادرا ۽ لائيسنسنگ اٿارٽي قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرائي.
هن چيو ته ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي ۽ ان کي ميئر جي ماتحت آندو ويندو. ڊرائيونگ لائيسنس حاصل ڪرڻ کان اڳ ڊرائيورن لاءِ عالمي معيار جي تربيت لازمي هوندي، جڏهن ته غير قانوني نمبر پليٽن، ڪارن شيشن، غير ضروري سائرن ۽ لائٽن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
ترجمان موجب، وڏي وزير هيلمٽ استعمال نه ڪندڙ ۽ ٽيلهه سواري ڪندڙ موٽرسائيڪل سوارن خلاف به سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته جن گاڏين جا فٽنيس سرٽيفڪيٽ رد ٿي ويا آهن، انهن کي ترت ضبط ڪيو وڃي ۽ ٻيهر هلائڻ جي اجازت ٽرانسپورٽ کاتي سان مشروط هوندي.
ترجمان موجب، وڏي وزير هيوي ۽ لائيٽ گاڏين جي ڊرائيورن لاءِ ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير فيصلن تي فوري عملدرآمد لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به قائم ڪئي جنهن جي نگراني آءِ جي سنڌ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.