هلندڙ مهيني “ گرميءَ جي سخت لهر“ بابت الرٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پاران هيٽ ويو بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اٿارٽي موجب، هلندڙ مهيني دوران گرمي پد ۾ 4 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب ڏکڻ پنجاب سميت ميداني علائقا سخت گرميءَ جي لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا.
ڊي جي پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي صوبائي تعليم کاتي کي ٻارن جي آئوٽ ڊور سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هن شهرين کي صلاح ڏني ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پنهنجو مٿو ڍڪين ۽ وڌ کان وڌ پاڻي واپرائن ته جيئن گرميءَ جي اثرن کان بچي سگهجي.
پي ڊي ايم اي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هيٽ ويو سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن وقت سر طبي امداد مهيا ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.