حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۽ انٽر بورڊ ڪراچي لاءِ مقرر ڪيل چيئرمين ڊاڪٽر رفيق احمد چانڊيو ۽ محمد مصباح تنيو چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ چارج سنڀالڻ کان انڪار ڪندڙن جو انگ ٽي ٿي وي وآهي.
ان کان اڳ انٽر بورڊ ڪراچي لاءِ به مقرر ڪيل چيئرمين برگيڊيئر (ر) وسيم اختر معذرت ڪئي هئي.
ذريعن موجب، ڊاڪٽر رفيق ڊي جي شماريات جو عهدو ڇڏڻ نه ٿو چاهي، جڏهن ته مصباح تنيو هڪ نجي ڊگري ايوارڊنگ انسٽيٽيوٽ جو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو.
You might also like