لپ اسٽڪ عورتن جي زندگي جو اهم حصو آهي ۽ ان جي بنا ڪنهن به تقريب جي تياري عورتن لاءِ اڌوري هوندي آهي.
پر عورتن کي شايد ان ڳالهه جو علم ناهي ته روز جي بنياد تي لڳائڻ سان لپ اسٽڪ صحت لاءِ خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي.
يونيورسٽي آف ڪيليورفيا جي برڪلي اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اڄڪلهه ملندڙ اڪثر لپ اسٽڪس ۾ ڪروميم، ليڊ، ايلومينيم، ڪيڊميم ۽ ٻيا ڪيترائي زهريلا مواد شامل هوندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لپ اسٽڪ جو مسلسل استعمال صحت جا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي 24 ڪلاڪن ۾ 2 کان 3 ڀيرا لپ اسٽڪ لڳائيندا آهن.
تحقيق موجب لپ اسٽڪ جيتري گهري رنگ جي هوندي، ان ۾ زهريلي ڪيميڪل جو مقدار به ايترو ئي وڌيڪ هوندو.
لپ اسٽڪ جو باقاعدي سان استعمال جسم ۾ ڪروميم جي مقدار کي ضرورت کان وڌيڪ وڌائي ڇڏي ٿو، جيڪو پيٽ ۾ ٽيومر (رسولي) جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ لپ اسٽڪ جو استعمال چپن تي الرجي جو سبب به بڻجي سگهي ٿو ۽ ان ۾ موجود ڪيميڪل اينڊوڪرائن سسٽم کي به متاثر ڪري سگهن ٿا.
احتياط ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن توهان لپ اسٽڪ لڳائڻ چاهيو ٿا ته اڳ ۾ پنهنجي چپن تي پيٽروليم جيلي لڳايو، ان سان توهان جي چپن کي گهٽ نقصان پهچندو.
لپ اسٽڪ جو استعمال هفتي ۾ وڌ کان وڌ 2 کان 3 ڀيرا ڪرڻ گهرجي ۽ ممڪن ٿي سگهي ته ڪيميڪل فري لپ اسٽڪ جي چونڊ ڪئي وڃي، جڏهن ته ڳورهاري عورتن کي لپ اسٽڪ جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
You might also like