چانون ۾ موجود ڪيترائي غذائي جزا اسان جي جسم لاءِ ضروري آهن پر ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال هوندو آهي ته چانور کائڻ اسان جي صحت لاءِ بهتر آهن يا نه؟ اڄ اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته چانور ڪهڙي وقت کائڻ صحت لاءِ سٺا آهن ۽ ڪهڙي وقت کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
چانور ڪهڙي وقت کائڻ فائديمند آهي؟
ماهرن موجب منجهند جو چانور کائڻ بهتر آهي، ڇو ته ان وقت جسم توانائي سان ڪم ڪندو ۽ هاضمو صحيح طريقي سان ٿيندو آهي.
چانور ڪهڙي وقت کائڻ نقصانڪار آهي؟
چيو ويندو آهي ته رات جو چانور کائڻ سان وزن وڌندو آهي، جيڪي ماڻهو وزن گهٽائڻ چاهين ٿا، اهي رات جو چانور نه کائين، ڇو ته رات جو جسم کي وڌيڪ توانائي جي ضرورت ناهي هوندي، چانورن ۾ نشاستي جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو سڻڀ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
You might also like