واٽس ايپ ۾ 6 نوان فيچر اچي ويا، استعمال جو طريقو ڄاڻيو

سڄي دنيا ۾ ٻه ارب کان وڌيڪ واهپيدارن سان واٽس ايپ دنيا جو سڀ کان وڏو پيغام رسائيندڙ پليٽ فارم سمجهيو ويندو آهي.
پنهنجي مقبوليت کي برقرار رکڻ لاءِ واٽس ايپ طرفان آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن، اهڙي طرح نين شين کي پليٽ فارم جو حصو بڻايو ويندو آهي پر ڪجهه واهپيدارن اهڙي قسم جي فيچرز بابت ڄاڻ نه هوندي آهي.
جيڪڏهن توهان کي به واٽس ايپ جي تازن فيچرز بابت ڄاڻ نه آهي ته پريشان نه ٿيو هن رپورٽ ذريعي توهان اِهو چاڻي سگهو ٿا ته ويجهڙائي ۾ پيغام رسائيندڙ ايپليڪيش ڪهڙا فيچرز متعارف ڪرا ويا آهن.

گروپ چيٽ آن لائين انڊيڪٽر
واٽس ايپ ۾ خاموشي سان هن فيچر جو واڌارو ڪيو ويو.
هن فيچر ذريعي واهپيدارن کي پتو پوندو ته ته ڪنهن گروپ چيٽ ۾ ڪيترا ماڻهو آن لائن آهن.
آن لائن ماڻهن جو انگ گروپ نالي جي هيٺان ڏيکاريو ويندو، پر ايپ طرفان اهو نه ٻڌايو ويندو ته ڪهڙا دوست آن لائن آهن.

گروپ چيٽس نوٽيفڪيشن جو ڪنٽرول
گهڻا ماڻهو ڪيئي واٽس ايپ گروپن جو حصو هوندا آهن، جنهن سبب فون مسلسل نوٽيفڪيشنز اچڻ ڪري وڄندو رهي ٿو.
واٽس ايپ جي هن نئين فيچر سان رڳو اهم نوٽيفڪيشنز تي ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
ان لاءِ نئين ” نوٽيفاءِ فار “سيٽنگ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
واٽس ايپ موجب، ”هاِ لائيٽ“ آپشن ذريعي نوٽيفڪيشنز کي رڳو پيغامن جي جوابن تائين محدود ڪري سگهجي ٿو، يا فون ۾ محفوظ ڪيل رابطا ۽ اهي ميسيج جن ۾ اوهان کي مينشن ڪيو ويو هجي، صرف انهن جا نوٽيفڪيشنز ملندا.

ون آن ون چيٽ ۾ ايونٽ
واٽس ايپ ۾ گروپ ايونٽس جو آپشن ته اڳ ئي موجود هو، پر هاڻي واهپيدار هڪٻئي سان ٿيندڙ چيٽ ۾ به ايونٽ ٺاهي سگهن ٿا.
اوهان ٻين ماڻهن کي دعوت ڏئي سگهو ٿا، تاريخ ۽ وقت شامل ڪري سگهو ٿا ۽ ايونٽ کي چيٽ ۾ پن به ڪري سگهو ٿا.

وڊيو ڪالز ۾ زومنگ
هي فيچر به في الحال آءِ فون واهپيدارن تائين محدود آهي، جنهن ذريعي وڊيو ڪال دوران زوم ان ڪري سگهجي ٿو.

چينلز لاءِ ڪيو آر ڪوڊز
واٽس ايپ تي چينل هلائيندڙ هاڻي ڪيو آر ڪوڊز پڻ شيئر ڪري سگهن ٿا، جيڪو چينل جي لنڪ جي طور ڪم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.