ڇا سمارٽ فون جو دور ختم ٿي رهيو آهي؟ اهم خبر اچي وئي

دنيا جي چار وڏن ٽيڪ ويزنري، ايلون مسڪ، بل گيٽس، مارڪ زڪربرگ، ۽ سيم آلٽمين سمارٽ فونز جي دور جي خاتمي جو اشارو ڏئي چڪا آهن.
انهن چئن شخصيتن موجب، مستقبل ۾ هڪ اهڙي دنيا هوندي جنهن ۾ پهرڻ واري ٽيڪنالاجي ۽ دماغي انٽرفيسز جو دٻدٻو هوندو،
پر ايپل جا سي اي او ٽم ڪُڪ اڃا تائين سمارٽ فونز جي سلطنت تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي.
ايلون مسڪ پنهنجي ڪمپني ”نيورولنڪ“ ذريعي برين ڪمپيوٽر انٽرفيس تيار ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جنهن جو مقصد سمارٽ فونز جو خاتمو آهي.
بل گيٽس به ” ڪيئوٽڪ مون“ ۽ ان جي اليڪٽرانڪ ٽيٽو کي سپورٽ ڪندي هڪ مختلف رخ اختيار ڪري رهيو آهي.
هي نان سينسرز سان ڀرپور ٽيٽو ڊيٽا گڏ ڪرڻ، موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. جنهن جو مقصد آهي انسان جي جسم کي هڪ ٽيڪنالاجي پليٽفارم ۾ تبديل ڪرڻ، جيڪو صحت جي نگراني، جي پي ايس ٽريڪنگ ۽ رابطن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو.
ان امپلانٽس جي ذريعي واهپيدارن کي رڳو پنهنجي خيالن سان ٽيڪنالاجي سان ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، جنهن ۾ نه ڪا اسڪرين هوندي آهي، نه آڱرين جو استعمال ۽ نه ئي جسماني چرپر.
هنيئر تائين ٻه هيومن سبجيڪٽ اڳواٽ ئي امپلانٽ ڪرائي چڪا آهن، جيڪي ان تصور جي ابتدائي امڪانن کي ظاهر ڪن ٿا.
هاڻي سوال رڳو اهو ناهي ته اڳتي ڇا ٿيندو، پر اهو آهي ته ڇا معاشرو اهڙا نوان ۽ جرئتمند ٽول پنهنجي مرضيءَ سان اپنائيندو؟ يا هو هو مستقبل ۾ به سمارٽ فون کي ئي ترجيح ڏيندو؟؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.