اڄڪلھه اسان جو زندگي گذارڻ عمل اهڙو ٿي ويو آهي جو پاڻ کي صحتمند رکڻ هڪ وڏو چيلنج بڻجي ويو آهي.
خوراڪ ۾ ملاوٽ، موسمي حالتون، گدلاڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري ماڻهو بيمار ٿي پون ٿا پر ماهرن جو خيال آهي ته تيز پنڌ ڪرڻ هڪ اهڙي ورزش آهي، جنهن کي جيڪڏھن باقاعدگي سان ڪيو وڃي ته توهان صحتمند رهڻ سان گڏوگڏ ڊگھي ڄمار به ماڻي سگهو ٿا.
اڄڪلهه ماڻهن جي اڪثريت صحت جي حوالي سان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار رهي ٿي، تنهنڪري سٺي خوراڪ، پنڌ ۽ ورزش ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.
هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جيڪي ماڻهو تيز هلندا آهن، انهن ۾ شگر، دل جي بيمارين سميت ٻين مرضن جو خطرو گهٽ هوندو آهي.
جاپان جي دوشيشا يونيورسٽي جي محققن هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ته جيڪي ماڻهو تيز هلندا آهن، انهن ۾ اهڙين بيمارين جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.
تحقيق ۾ ڇا انڪشاف ٿيو؟
حقيقت ۾ سائنسدانن 25000 ماڻهن تي هڪ تحقيق ڪئي، جنهن ۾ ٿولهه ۽ هاضمي جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو شامل هئا.
ان تحقيق ۾ تيز هلڻ وارن ماڻهن ۾ شگر جو خطرو 30 سيڪڙو گهٽ هيو، ان سان گڏوگڏ تحقيق ۾ اهو پڻ سامهون آيو ته تيز هلڻ سان هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو.
تيز هلڻ جا فائدا:
دوشيشا يونيورسٽي جي پروفيسر ڪوجيرو ايشي موجب جيڪي ماڻهو تيز هلندا آهن، انهن جي دل عام طور تي صحت مند رهندي آهي، تيز هلڻ سان هاضمي جي نظام کي درست ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، گڏوگڏ ٿولهه جو شڪار ماڻهن لاءِ به تيز هلڻ فائديمند آهي.
محققن اهو نتيجو ڪڍيو ته تيز هلڻ سان صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن، جيڪي ماڻهو تيز هلندا آهن، انهن ۾ دل جي بيمارين، هاضمي جي مسئلن ۽ شگر جو خطرو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.
You might also like