روهي (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر صدر نور احمد ڪاتيار جي قيادت ۾ پارٽي جي مرڪزي وفد جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ ملڪ رياض شامل هئا، چولستان جي کٽهڙي ۽ سوريان ٽوڀا جو دورو ڪيو. دوري دوران روهي جي مقامي ماڻهن دلبر مهر، محمد خالد ۽ ٻين چيو ته اسين ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ غير قانوني سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي چولستان جي زمين ڏيڻ خلاف آھيون. هنن چيو ته اسان جي آس پاس چولستان جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي، اسان جا رستا بند آهن.نور احمد ڪاتيار روهي جي مقامي ماڻھن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿاسرائيڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻ ڄام فيضل الله چيو ته هتي ماڻهن ۾ خوف پکيڙيو ويو آهي پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي اڳواڻ شاڪر قيوم چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ مسئلو صرف چولستان جو ناهي پر سڄي ملڪ جو آهي. ان موقعي تي چولستان جي مقامي ماڻهن، عوامي تحريڪ، پاڪستان سرائيڪي پارٽي ۽ سرائيڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻن گڏ فيصلو ڪيو ته چولستان جي علائقي سوريهان ۾ روهي چولستان بچايو ڪانفرنس ڪئي ويندي.