لنڊن (ويب ڊيسڪ ) برطانوي اداڪار ۽ ڪاميڊين رسل برانڊ تي زيادتي ۽ جنسي هراساني جا الزام لڳايا ويا آهن.
لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس موجب، اداڪار مٿان الزام مختلف موقعن تي پيش آيل واقعن بابت آهن، رسل برانڊ الزامن رد ڪندي چيو سندس سمورا لاڳاپا گڏيل راضپي سان هئا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، رسل برانڊ تي جنسي زيادتي، زبرستي جنسي عمل ۽ جنسي حملي جا الزام مڙهيا ويا آهن، جيڪي چئن مختلف عورتن طرفان لڳايا.
پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ متاثر عورتن يا ڄاڻ رکندڙ ماڻهن سان رابطي جي اپيل ڪئي وئي آهي.
You might also like