ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار عفان وحيد مداحن طرفان بالي ووڊ اداڪار سمجهي ساڻس تصويرون ڪڍرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ اداڪار خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ساٿي اداڪارن سان گڏ شرڪت ڪئي، شو دوران ميزبان طرفان اداڪارن کان مختلف سوال پڇيا ويا.
ميزبان طرفان عفان وحيد کي پنهنجي زندگيءَ بابت هڪ سچ ٻڌائڻ جو چيو ويو جنهن تي اداڪار چيو ته هو هڪ ڀيري لنڊن ۾ ڪنهن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ موجود هو.
ادڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته مان لنڊن جي هڪ گهٽي ۾موجود جتي ڪيئي ماڻهو هئا جن ۾ ڪجهه ڀارتي وٽس آيا ۽ چيو ته ” ڇا تون بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور آهين؟ “ جنهن تي مون هائو ڪئي ۽ مداح مون کي رنبير سمجهي تصويرون ڪڍرائڻ ۽ آٽو گراف وٺڻ لڳا.