اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا چيئرمين وسيم مختار جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت ۾ ايندڙ هفتي تائين مجموعي رليف پنج رپيا في يونٽ کان وڌي ويندو.
وفاقي حڪومت طرفان في يونٽ بجلي هڪ رپيو 71 پئسا سستي ڪرڻ واري درخواست تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي.
درخواست جي ٻڌڻي دوران پاور ڊويزن اختيارين چيو ته اپريل کان جون تائين اهو رليف هر مهيني لاءِ ڏيڻ جي درخواست آهي، في يونٽ هڪ رپيو 71 پئسن جو رليف پٽروليم ليوي جي مد ۾ ڏنو ويندو.
پاور ڊويزن جي اختيارين جو چوڻ هو ته آءِ پي پيز جا 6 معاهدا رد ٿيڻ سبب 12 ارب رپين جو رليف شامل ٿيو آهي.
ان موقعي تي نيپرا چيئرمين چيو ته اسان ڪالهه هڪ رپئي 90 پئسن جو ٽه ماهي رليف ڏنو ۽ هڪ رپئي 36 پئسن جو ماهوار پرائس ايڊجسٽمينٽ جو رليف ڏنو.
ان موقعي تي نيپرا چيئرمين چيو ته ايندڙ هفتي تائين مجموعي رليف في يونٽ پنج رپين کان وڌي ويندو.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) اختيارين موجب، وفاقي حڪومت جي اعلانيل بجلي رليف ٽيڪس سميت في يونٽ ست رپيا 41 پئسا آهي، جڏهن ته ٽيڪس کانسواءِ اهو رليف 6 رپيا في يونٽ ٿئي ٿو.