توانائي واري وزير جو 6 بجلي ڪمپنين کي خانگائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وزير اويس لغاريءَ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ 3 ڊسڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران توانائي واري وزير چيو ته چيني پاور پلانٽن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ بابت ڳالهيون جاري آهن ۽ انهن جي قرضن جي ري پروفائلنگ تي ڳالهه ٻولهه پڻ جاري آهي.
هن چيو ته گردشي قرض ۾ 339 ارب رپين جي بهتري آندي وئي آهي ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ گهٽتائي ڪري 145 ارب رپين جي بهتري ڪئي وئي آهي.
اويس لغاريءَ ٻڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ 3 ڊسڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي، جن ۾ آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو شامل آهن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ليسڪو، سيپڪو ۽ ميپڪو کي خانگايو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ 55 ارب رپين سان ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪيپٽو انڊسٽري کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سروس معاهدن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته گڊو ۽ ننديپور پاور پلانٽس جي نجڪاري بابت پڻ قدم کنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.